تازا ترين
  • *وزيراعظم عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي اوپن ٻڌڻي جو چئلنج ڏئي ڇڏيو *بيشڪ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ٽي وي تي لائيو ڏيکاريو وڃي: وزير اعظم *پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پارٽي سربراهن کي ويهاري ٻڌڻ گهرجي: عمران خان *سياسي فنڊ ريزنگ رڳو تحريڪ انصاف ڪئي آهي: وزير اعظم عمران خان *
  • *ڪراچي: جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ مزار قائد جي مبينا بي حرمتي ڪيس *صفدر ۽ مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ قائد اعظم مئنيجمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي *درخواستگذار طرفان پيش ڪيل ٻن شاهدن جا بيان رڪارڊ *قائد جي مزار جي اڱڻ ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سياسي نعريبازي ڪئي: شاهدن جو بيان *عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهد کي گهرائي ورتو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ اوڍا – جکراڻي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ سرڪٽ هائوس ۾ جرڳو شروع *لاڙڪاڻو: جرڳو غوث بخش مھر ۽ منظور پنھور جي سرپئنچي ۾ شروع ٿي ويو، حفاظتي انتطام سخت *لاڙڪاڻو: جرڳي دوران جهيڙيندڙ ڌريون ۽ سندن چڱا مڙس به موجود*
  • *ملير جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي *موت جي سزا مليل جوابدارن ۾ نادر علي، محمد يعقوب ۽ محمد زمان شامل *جوابدار 10لک رپيا معاوضو مقتول جي وارثن کي ادا ڪن: عدالت جو حڪم *جوابدارن ذوهيب نالي نوجوان کي ڀيڻ کي ڀڄائڻ جو الزام مڙهي قتل ڪيو هو: پوليس *مقتول ذوهيب جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو: پوليس *
  • *ڪراچي: پاڪستان ڪوسٽ گارڊ پاران ڪارروائي، چرس جي اسمگلنگ واري ڪوشش ناڪام *ڪراچي: ناڪه کاري چيڪ پوسٽ تي ڪوچ تي ڇاپو هڻي چرس ۽ آفيم هٿ، هڪ جوابدار گرفتار *ڳجهي اطلاع تي وندر شهر وٽ ڪارروائي ڪري زمين ۾ پوريل هٿيار هٿ ڪيا ويا: ترجمان *هٿيار هٿ ڪري دهشتگردي جي وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي: ترجمان*

عمران خان کي ڪرڪيٽ ۾ هلائڻ وارو آئون هئس، هو منهنجي گهر مان وزيراعظم ٿي ويو هو: ميانداد

آئون ڪپتان هئس عمران خان جو هو منهنجو ڪپتان نه هو، هاڻ کيس ٻڌائيندس ته سياست ڇاٿيندي آهي

سرفراز سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو ، ٻيهر پنجاب ۽ سنڌ جي ڪرڪيٽ جو تاثر پيو ملي

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداد چيو آهي ته عمران خان کي ڪرڪيٽ ۾ هلائڻ وارو آئون هئس، هو منهنجي گهر مان وزيراعظم ٿي ويو هو. يوٽيوب تي پنهنجي چينل ذريعي پيغام جاري ڪندي جاويد ميانداد چيو ته آئون ڪپتان هئس عمران خان جو هو منهنجو ڪپتان نه هو، هاڻي سياست ۾ به ايندس ۽ کيس ٻڌائيندس ته سياست ڇاٿيندي آهي. هن چيو ته ڇا ملڪ ۾ سينئر ڪرڪيٽر ۽ ڪرڪيٽ کي سمجهڻ وارا ناهن جو عمران ٻاهران ماڻهو آڻي بورڊ تي ٿاڦيا آهن جن کي ڪابه خبر ناهي. ميانداد چيو ته ملڪ جي ڪرڪيٽ کي تباهه ڪيو پيو وڃي، سرفراز سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو ، ٻيهر پنجاب ۽ سنڌ جي ڪرڪيٽ جو تاثر پيو ملي. هن چيو ته سموري زندگي ڪرڪيٽ کيڏي ملڪ جي خدمت ڪئي انڪري جيڪڏهن ڪجهه به غلط ٿيندو ته ماٺ ڪري نه ويهندس. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته عمران خان نوڪريون ته نه ڏئي سگهيو آهي پر هاڻي رانديگرن کان روزگار کسي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.