تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

عمرڪوٽ ڀرسان ناحق باندي بڻايل 7 پورهيت آزاد: مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جي اجازت

عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ڀرسان سرن جي بٺي تي ڇاپي دوران ناحق باندي بڻايل 7 مزدورن کي بازياب ڪرايو ويو، سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس جو ڇور روڊ وٽ حيات راهمون جي سرن جي بٺتي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 7 مزدورن کي بازياب ڪرائي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، پيش ڪيل مزدورن ۾ شريمتي ڦولا اوڏ، شريمتي گڏي اوڏ، ملوڪ اوڏ، سانول اوڏ ۽ ٻين چيو ته بٺي مالڪ حيات راهمون جبري پورهيو ڪرائيندو آهي، اسان جي ٻارن کي به اسڪول وڃڻ نٿو ڏي ۽ معصوم ٻارڙن کان به سرون کڻائيندو آهي، مزدوري جا پئسا به نه ڏيندو آهي، عدالت سڳوري بازياب ڪرايل ستن ئي هارين کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

Bookmark the permalink.