
ملاڪاتيار (ن پ ا) بلڙي شاھ ڪريم ۾ غربت کان تنگ اچي آپگهات جي ڪوشش دوران معذور ٿي ويل شخص زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. ڪجهه عرصو اڳ 6 ٻارن جي پيءُ عرض علي رند غربت مان تنگ اچي بجلي جي تارن ۾ هٿ وجهي آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سڙي سخت زخمي ٿي پيو هو، کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي سندس ٻئي هٿ ڪٽيا ويا هئا. حالت بهتر ٿيڻ بعد پورهيت گهر اچڻ جي تياري ڪري رهيو هو پر دل جو دورو پوڻ ڪري اڄ هن دم ڏئي ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي ته هٿ ڪٽجڻ ڪري پورهيت وڌيڪ ذهني اذيتن ۾ مبتلا ٿي ويو ته هٿ نه هئڻ ڪري هاڻي هو ٻچن جو پيٽ ڪيئن پالي سگهندو؟