تازا ترين
  • *ڪرمپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻي ۾ خان محمد سبزوئي سميت ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن *علي خان جعفري جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا: پوليس*
  • *ڪوئٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٿڌ: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ پارو 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ وڌ کان وڌ پارو 7 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو*

غوثپور جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڪڙ جو آزار، آبادگارن جا مٿي تي هٿ

غوثپور ( ن پ ا) ڳوٺ دڙي سندراڻي، ڳوٺ واحد بخش ڀيو، خاوند بخش بهلڪاڻي ۽ ڳوٺ تاج محمد جعفري سميت ٻين علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا. ماڪڙ سارين جو ٻج، مڪائي، جوئر سميت ٻيا فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا جنهن سبب علائقي جا آباگادر سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا. علائقي جا آبادگار دونهان ڪري ۽ ٽين دٻا کڙڪائي ماڪڙ ڀڄائڻ ۾ رڌل آهن. آبادگارن وفاق ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته ماڪڙ مار اسپري ڪرائي وڌيڪ ٿيندڙ نقصان کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.