
فريد آباد ( ن پ ا) فريد آباد ۾ جرڳائي ڀوتارن اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻيل نياڻي کي انصاف ڏيارڻ بدران معاملو 7 لک رپين ۾ لئه مٽي ڪري ڇڏيو، قربان چانڊيو جي سرپئنچي ۾ ٿيل جرڳي دوران جوابدار سالار چانڊيو تي ناري کي اغوا ڪرڻ ۽ زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، جرڳائي ڀوتار جوابدار کي سخت سزا ڏيارڻ بدران رڳو کيس ڳوٺ نيڪالي جي فتويٰ ٻڌائي ڇڏي.