تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

قاضي احمد ۾ هارين جو زميندار ۽ پوليس جي ڏاڍ خلاف مظاهرو

قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ صاحب خان سوهو جي مقامي رهواسين علي حسن جوڻيجو، ياسين جوڻيجو ۽ گل حسن جوڻيجو ميڊيا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي بااثر ۽ قاضي احمد پوليس خلاف نعريبازي ڪندي مبينا طور الزام هڻندي چيو ته اسان جو زميندار محرم سوهو ڏاڍ ڪري اسان مسڪينن کي مختلف طريقن سان هراسان ڪري اسان کي هارپي تي ڏنل زمين ٻين کي ڏيڻ چاهي ٿو جنھن ۾ اسان جو فصل تيار بيٺل آهي ان جي انڪار ڪرڻ تي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان جي هڪ نوجوان رستم جوڻيجو کي گرفتار ڪرايو آهي هنن وڌيڪ چيو ته قاضي احمد پوليس بااثر زميندار جي ونگار وهندي بغير وردي جي پوليس اهلڪار اسان جي ڳوٺ تي ڪاھ ڪري ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي هنن وزير اعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

Bookmark the permalink.