قاضي احمد (ن پ ا) سنڌو درياءُ جي ڪنڌي تي واقع سرڪاري ٻيلن لاکاٽ ۽ ترڇي جي 80 ايڪڙ ايراضي ٻيلي جي زمين تي مبينا قبضي ڪرڻ جي الزام ھيٺ ٻيلي کاتي جي فافيسٽ گارڊ الهه وسايو جمالي جي فرياد تي ڪچي جي پوليس ٿاڻي کاھ تي 8 ڄڻن حاجي خان مهر، گاجي خان مهر، وزير راهو، سومر مهر، روزي رند،ولي محمد راهو، حاجي صالح شاھ، حسين کوسو سميت ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته ڄاڻايل بااثر ڪچي جي زميندارن زبردستي سرڪاري زمين تي پوکيل وڻن جي وڍائي ڪرائي خالي ٿيل زمين تي مبينا قبضو ڪري فصل جي پوکائي ڪري ڇڏي آھي. عدالت جي حڪمن موجب ٻيلي جي زمين تي ٿيل قبضن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي دوران ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي.