لاهور(بيورو رپورٽ) لاهور جي نجي انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ شاگردياڻين کي جنسي هراسان ڪرائڻ جو واقعو ٿيو آهي، جنهن بعد هڪ استاد سميت چئن ڄڻن کي برطرف ڪيو ويو آهي. جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام اسڪول مان تعليم مڪمل ڪري ويل شاگردياڻين لڳايو جنهن ۾ هڪ استاد سميت چار ڄڻا ملوث ڄاڻايا ويا آهن. جن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي. شاگردياڻين جو الزام آهي ته امتحان ۾ مارڪون ڏيارڻ بهاني اسان کي گهرائي لڄالٽ ڪئي ويندي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته چئني ڄڻن خلاف ڪا به درخواست نه ملي آهي، پنجاب جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن اٿارٽي واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري به سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته لاهور جي ٻن نجي تعليمي ادارن ۾ ٻارڙين ۽ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو آهي. هن ٻڌايو ته وزارت جون ريجنل آفيسون هراسان ڪرڻ وارن واقعن تي الرٽ آهن، شڪايت ۽ مدد لاءِ 1099 تي رابطو ڪيو وڃي.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…