تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

لاڙڪاڻو جي شيخ زيد اسپتال ۾ تازا ڄاول جاڙا ٻار فوت، وارثن طرفان ڊاڪٽرز تي غفلت جو الزام

گجو گوپانگ واسڻ عورت صدوران خاتون چانڊيون کي گذريل ڏينهن ويم لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو

پيدائش وقت ٻنهي جاڙن ٻارن جي صحت ٺيڪ هئي، ڊاڪٽرز جي سنگين غفلت کانئن حياتي کسي: وارث

لاڙڪاڻو )ن پ ا) لاڙڪاڻو جي شيخ زيد اسپتال ۾ تازا ڄاول جاڙا ٻار فوت، وارثن طرفان ڊاڪٽرز تي غفلت جو الزام، قمبر جي ڳٺ گجو گوپانگ واسڻ عورت صدوران خاتون چانڊيون کي گذريل ڏينهن ويم لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو، مريض جي وارثن جو چوڻ آهي ته پيدائش وقت ٻنهي جاڙن ٻارن جي صحت ٺيڪ هئي، ڊاڪٽرز جي سنگين غفلت کانئن حياتي کسي ورتي، عورت جي وارثن طرفان ذميوار ڊاڪٽرز سوڌو ٻين عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو

Bookmark the permalink.