تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

لاڙڪاڻي عدالت جي حڪم تي گئوشالا جي حد ۾ قائم دڪان تي قبضو ختم ڪرايو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)عدالت سڳوري جي حڪم تي مختيار ڪار لاڙڪاڻو گذريل 15 سالن کان گئو شالا جي حد ۾ قائم دڪان جو قبضو ڇڏائي هندو پنچائت جي اڳواڻن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان هندو پنچائت جي چيئرمين ۽ ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ميمبر ڊاڪٽر ڌرم پال رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ گئو شالا لاڙڪاڻي جي 3 دڪانن جو دڪانن تي قبضي بابت درخواست داخل ڪرائي جنهن تي سپريم ڪورٽ گئو شالا جي هڪ دڪان تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.ڪالھ مختيارڪار وزير چند اوڏ ۽ سٽي سرويئر لاڙڪاڻو طرفان بروهي ذات جي بااثرن وٽ قبضي هيٺ دڪان کي خالي ڪرائي اسان حوالي ڪري ڇڏيو آهي. باقي ٻن دڪانن جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.