لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد علي گوهر آباد پاڙي مان ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن اٽي جي چڪي جي مالڪ ساجد ديدڙ کان ساڍا پنج لک ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي تفصيل وٺي ۽ شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي متاثر واپاري ساجد ديدڙ ٻڌايو ته مون کي پنهنجي اٽي جي چڪي آهي جتي روزگار ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان، اڄ اوڳاڙي ڪري اٽي جي چڪي پئسا کڻي دڪان بند ڪري گهر وڃي رهيو هيس ته گهٽي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن رستو روڪي هٿيارن جي زور تي ساڍا پنج لک رپيا ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس پهچي معلومات ورتي پر ڦورن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته متاثر اٽي جي چڪي هلائيندڙ ساجد ديدڙ جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جلد ملوث ڦورو کي وائکو ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو ويندو.
- شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو جِي شادي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل
ڪراچي (بيورو رپورٽ) شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو جِي شادي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، بختاور ڀٽو جِي شادي تقريبن جو…
- مان چيو ئِي ناهي ته مخالفن کي جوتا هڻنداسين ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ماڻهو جو نالو کنيو هو: صوبائي وزير سردار شاهه
عمرڪوٽ (رپورٽر) مان چيو ئِي ناهي ته مخالفن کي جوتا هڻنداسين ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ماڻهو جو نالو کنيو هو: صوبائي وزير سردار شاهه وضاحت ڪندي چيو آهي ته…
- اسان ڄاڻون ٿا ته غير جمهوري قوتن کي ڪيئن سياست مان ڪڍڻو آهي: بلاول
لاڙڪاڻو (رپورٽر نادر ابڙو) حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جمهوري ۽ آئيني طريقو بَي اعتمادي وارِي رٿ آهي، پنهنجن اتحادين کي اُن آپشن تي مڃائينداسين: پ پ چيئرمين بلاول…