
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي سچل آباد ڪالوني مان رات دير سان ٻن لوڪ فنڪارائن ثريا سومرو ۽ سونيا سومرو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان ڏس ۾ مليل معلومات مطابق نامعلوم ڪرولا گاڏي ۾ آيل هٿياربندن لوڪ فنڪاره ثريا سومرو ۽ سونيا سومرو جي گهر ۾ هڪ ئي وقت داخل ٿي کين مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ٻئي لوڪ فنڪارائون نجي ڪمپني جي رڪارڊنگ لاءِ ڪراچي وڃڻ ڪري گهر ۾ موجود نه هيون پر هٿياربندن گهر اندر عورتن، مردن ۽ ٻارن کي حراسان ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ ٻنهي فنڪارائن جي پڇا ڪئي. فنڪارائون گهر ۾ موجود نه هجڻ ڪري گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ کانپوءِ ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا. گهر ڀاتين پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس بروقت پهچي نه سگهي. پوليس جي اچڻ کان اڳ ئي هٿياربند فرار ٿي چڪا هئا. اوقعي جي سلسلي ۾ پوليس وٽ اين سي داخل ڪرائي ويئي آهي.