* مٺي جي ڳوٺ لونڊار جي رهواسين سب انسپيڪٽر چهنسنگهه ٺڪر تي زمين تي قبضي جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو. کيئنرو ٺڪر، سترام، چهنو، کيتو ۽ پهلاج ٺڪر احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي پيء لونگو ٺڪر جي نالي سروي زمين نمبر 83 ۽ 10 آهي، جنهن تي سب انسپيڪٽر چهنسنگهه ٺڪر زبردستي قبضو ڪري اسان کي کيڙي ڪرڻ نه ٿو ڏئي. قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. * نندو پوليس گشت دوران ڪارروائي ڪندي 10 ليٽر شراب سميت جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب نندو پوليس ڪڍڻ_نندو روڊ تي چيڪنگ دوران مقصود ولد ڇُٽو چانڊيو کي گرفتار ڪيو آهي. *خيرپورناٿن شاهه جي صحافي ذولفقار جتوئي جو والد رٽائر غلام اڪبر جتوئي وفات ڪري ويو سندس جنازي نماز ۾ استادن صحافين وڪيلن واپاري سياسي سماجي اڳواڻن ڪارڪنن وڏي انگ ۾ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .* جنگشاھي ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي آئوٽ اسٽيشن جي ملازمن ۾ ليو انڪيشمينٽ آرڊر جاري ٿيڻ تي خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي. چليا، جنگشاهي، ھاليجي ۽ گجو ريگيوليٽر جي ملازمن اڪبر ڀٽو، عرفان پليجو، قادر بخش خاصخيلي، ھارون خاصخيلي ۽ ٻين ليو انڪيشمينٽ جو آرڊر جاري ٿيڻ تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر انجينئر اسدالله خان، چيف انجنيئر سيوريج سعيد شيخ، ليبر ويلفيئر آفيسر سجاد حيدر، ڊي.ايم.ڊي فناس محمد ثاقب ۽ تمام ٽريڊ يونين جا ٿورا مڃيا. * جاتي ۾ پنهنجي اخبار جي ايجنٽ ۽ نوجوان صحافي محمد امين ٿهيم جي ناني مختصر بيماري بعد لاڏاڻو ڪري وئي آهي، جنهن جي تدفين مقامي قربرستان درگاه مگرڀينرح ۾ ڪئي وئي. *ٽنڊوغلام حيدر ويجھو انصاري شگر ملز ڀرسان چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ رياض خاصخيلي، طاهر ٿيٻو ۽ سيوجي ڪولهي زخمي ٿيا، جن کي اسپتال آندو ويو، جتان طبي امداد بعد کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. * ڪڙيو گھنور ۾ گذريل ڏينھن شھرين طرفان بجلي جي بندش خلاف ڪيل احتجاج جي خبر پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ وابڊا انتظاميا جاڳي پئي، شھر جي بند پيل بجلي بحال ڪئي وئي، شھري اڳواڻ گيان چند ميشھوي، واپاري اڳواڻ شير خان پٺاڻ ۽ ٻين پنهنجي اخبار جا ٿورا مڃيا. * گهارو ۾ برساتن جي امڪاني تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميه مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ عملي کي الرٽ رهڻ جوحڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرساڪرو ايٽ گھارو اسسٽنٽ ڪمشنرساڪرو ايٽ گهارومحمدسليم ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ايندڙ مهيني برساتن جي امڪاني تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ تعلقي ميرپور ساڪرو جي ٻن ٽائون ڪميٽين ۽ سمورين يونين ڪائونسلن جي سرڪاري عملي کان انتظامن بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪئي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر هدايت ڪئي ته انتظامن ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
- سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم
مٺي (ن پ ا) سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي…
- لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نينگري آزاد
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي پوليس چوري جَي الزام ۾ گرفتاري بعد گم ڄاڻايل نينگري عطيه کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز نينگري عطيه جو معاملو اٿاريو، جنهن بعد ايس ايس پي…
- آرمي چيف سان اسلام آباد ڪلب ۾ انتهائي خوشگوار ملاقات ٿي: ن ليگ اڳواڻ محمد زبير جو انڪشاف
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾…