ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر دوران جتي پاڪستان ۾ عالمي وبا جي ڪيسز ۾ واڌ ٿي آهي اتي هاڻي مشهور اداڪار بهروز سبزواري به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. پاڪستان جي مشهور اداڪار بهروز سبزواري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ هاڻي هو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. بهروز سبزواري ٻڌايو ته هو هن وقت ضياءُالدين اسپتال جي انتهائي نگهداشت يونٽ (آءِ سي يو) ۾ علاج هيٺ آهي. مشهور اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته هو هن وقت ڪافي بهتر محسوس ڪري رهيو آهيا ۽ هن مداحن کي صحتيابي لاءِ دعائن جي درخواست به ڪئي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب بهروز سبزواري ۾ 6 ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي ۽ هو ان وقت کان اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. شهروز سبزواري اهو به ٻڌايو ته سندس والد ٺيڪ آهي هو ڪووڊ وارڊ ۾ ناهي پر عمر 60 ورهين کان وڌيڪ هجڻ سبب کيس نگراني ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ اداڪار شهروز سبزواري مداحن کان والد جي صحتيابي لاءِ دعا جي درخواست به ڪئي. خيال رهي ته بهروز سبزواري کان اڳ پاڪستان ۾ شوبز سان واڳيل ڪيترين ئي شخصيتون به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪيون آهن جن مان گهڻو ڪري شخصيتون گهٽ ۾ گهٽ 2 هفتا جڏهن ته ڪجهه ڏيڍ مهيني کانپوءِ صحتياب ٿيون. ڪورونا سبب پاڪستان ۾ 2 اداڪار فوت ٿي چڪا آهن جن مان 9 سيپٽمبر تي فلم ۽ ڊرامن جو سينيئر اداڪار مرزا شاهي ۽ 21 مئي تي سنڌي ۽ اردو اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي جو اداڪار صغير الاهي لاڏاڻو ڪري ويو هو. ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر کي نظر ۾ رکندي حڪومت ڪيتريون ئي سختيون به ڪيون آهن ۽ فيس ماسڪ به لازمي قرار ڏنو آهي. حڪومت وبا کان بچاءَ لاءِ شادي هالز ۾ شادي جي تقريبن تي پابندي لاڳو ڪرڻ سميت شادي جون تقريبون محدود رکڻ جا حڪم ڏنا آهن جڏهن ته 26 نومبر کان تعليمي ادارا به بند ڪري ڇڏيا آهن. خيال رهي ته 2 ڊسمبر تي منجهند تائين پاڪستان ۾ وائرس سبب متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 4 لک 3 هزار 311 ٿي چڪو آهي جن مان 3 لک 45 هزار 365 صحتياب ٿي چڪا آهن جيڪي 85 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جڏهن ته 8 هزار 166 مريض فوت ٿي چڪا آهن.