
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مهانگائي جو خاتمو وزيراعظم جي پهرين ترجيح آهي، ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ 42 لک ٽن ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، اسان وٽ ڪڻڪ جا ذخيرا مڪمل آهن، نئون فصل اچڻ تائين ڪڻڪ جو سرپلس اسٽاڪ موجود هوندو، پرڏيهه مان 19 لک ٽن ڪڻڪ جلد پهچندي، ان موقعي تي حفيظ شيخ چيو ته معاشي بحران سبب آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پيو، پهريون ڀيرو ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي مالي مدد ڪئي وئي، معيشت جي ترقي لاءِ ڪاروباري طبقي کي مراعات ڏني، ڪورونا دوران مختلف شعبن کي 1200 رپين جو پئڪيج ڏنو، آٽو موبائلز ۽ ٽيڪسٽائل شعبي ۾ تيزي اچي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائي 3 ارب تائين آندو، هن چيو ته 9مهينن دوران ملڪي قرض ۾ هڪ رپيو به واڌ نه ٿي، اسان خرچ گهٽايا ۽ ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو آندو، گذريل 4 مهينن دوران حڪومت ڪو به قرض نه ورتو، حڪومت رپئي جي ملهه ۾ به بهتري آڻي ورتي آهي.