
ملتان (ڊيسڪ رپورٽ) ملتان پهتل مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جا اڳواڻ شريڪ، ملتان ۾ جلسي کان اڳ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ سوڌو ٻين مامرن تي صلاح مشورا، پي ڊي ايم طرفان سڀاڻي جلسي لاءِ جاءِ تبديل ڪرڻ تي به مشاورت، اجلاس بعد پي ڊي ايم طرفان ايندڙ حڪمت عملي جي اعلان جا امڪان، بلاول ڀٽو زرداري ملتان ۾ ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪجهه به ٿئي، سڀاڻي جلسو هر صورت ۾ ڪيو ويندو، آصفه ڀٽو زرداري منهنجي نمائندگي لاءِ ملتان پهچي رهي آهي، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پوليس گردي مان ظاهر ٿي ويو ته سليڪٽيڊ حڪمران ڊڄي ويا آهن، ڪنٽينرز رکڻ سان پي ڊي ايم جي جلسي کي روڪي نٿو سگهجي.