
ملتان (ڊيسڪ رپورٽ) ملتان ۾ پي ڊي ايم جي سڀاڻي واري جلسي کان اڳ قاسم باغ اسٽيڊيم جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان چڪريون، ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي لٺبازي، يوسف رضا گيلاني جي پُٽ علي قاسم گيلاني سوڌو 30 کان وڌيڪ ڪارڪنن گرفتار، پ پ جي 370 کان وڌيڪ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل، ملتان جي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن خلاف ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، شهر ۾ جلسن ۽ ريليز جي اجازت نه ڏني ويندي، قاسم باغ اسٽيڊيم مان ڪارڪنن جي نڪري وڃڻ بعد ڪيٽرنگ وارا ڪرسيون ۽ شاميانا کڻي ويا، پوليس قاسم باغ ويندڙ رستا ڪنٽينر رکي ٻيهر بند ڪري ڇڏيا، اضافي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.