ملڪاڻي شريف (ن پ ا) حيسڪو جھڏو جي عملي ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي پنجاهه ڳوٺن ۾ عيد ڏهاڙن دوران به بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري رھواسين جي عيد خراب ڪري ڇڏي. عيد جي ٽن ڏينهن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ رھواسين کان عيد جون خوشيون کسي کين پرشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، بجلي جي نه اچڻ ڪري گھرن ۽ مسجدن ۾ پاڻي جي سپلائي نه ٿي سگهي ۽ گھرن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري شھري ڀلاري ڏينهن به مٿي تي دلا کڻي پاڻي ڀرڻ تي مجبور رھيا ۽ مسجدن ۾ وضو جي لاءِ پاڻي نه ھجڻ ڪري نمازي پريشاني ۾ مبتلا ٿيا. جڏهن ته رات جو مڇرن جي آزار شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. شھري ڀلاريون راتيون ھٿن ۾ پکا کڻي ھوا ھڻي جاڳي گذارڻ تي مجبور رهيا، شھرين شفيح ملڪاڻي، امان الله اشرفي، چيلارام ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته حيسڪو جھڏو عيد جو به خيال نه ڪيو. بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري رکي آهي، جنهن سبب گھرن ۾ عورتن کي رڌپچاءُ جي وڏي تڪليف ٿي ۽ اسان ويتر پريشان رھياسين. ڀلاري ڏينهن به گھرن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه اچڻ ڪري عيد نماز پڙهي پنهنجي ٻارن سان گڏ واٽرسپلاءِ تي پاڻي جا دلا ۽ ٿانون ڀرڻ تي مجبور رهياسين، شھرين چيو ته حيسڪو جھڏو اسان کي عذاب ۾ وجهي پاڻ عيد ڪرڻ ۾ مصروف رهيو پر اسان کي پريشان ڪري مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪيو، لوڊشيڊنگ بند ڪرائي حيسڪو عملو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
- شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو جِي شادي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل
ڪراچي (بيورو رپورٽ) شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو جِي شادي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، بختاور ڀٽو جِي شادي تقريبن جو…
- مان چيو ئِي ناهي ته مخالفن کي جوتا هڻنداسين ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ماڻهو جو نالو کنيو هو: صوبائي وزير سردار شاهه
عمرڪوٽ (رپورٽر) مان چيو ئِي ناهي ته مخالفن کي جوتا هڻنداسين ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ماڻهو جو نالو کنيو هو: صوبائي وزير سردار شاهه وضاحت ڪندي چيو آهي ته…
- اسان ڄاڻون ٿا ته غير جمهوري قوتن کي ڪيئن سياست مان ڪڍڻو آهي: بلاول
لاڙڪاڻو (رپورٽر نادر ابڙو) حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جمهوري ۽ آئيني طريقو بَي اعتمادي وارِي رٿ آهي، پنهنجن اتحادين کي اُن آپشن تي مڃائينداسين: پ پ چيئرمين بلاول…