تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ملڪي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو ته پشاور ڌماڪي جهڙا واقعا پيش ٿيندا رهندا: شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو ته پشاور ڌماڪي جهڙا واقعا پيش ٿيندا رهندا، وفاقي وزير شبلي فراز جي سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ڊي ايم تي تنقيد، شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن وارن ملڪ خلاف غيرن جو بيانيو پيش ڪيو آهي، تنهن ڪري پشاور جهڙا واقعا پيش اچن ٿا، پي ڊي ايم جي گجرانوالا کان ڪوئيٽا تائين سفر دوران ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تحت ڳالهيون ڪيون ويون، جماعت اسلامي جي امير طرفان وفاقي وزير شبلي فراز تي تنقيد، سينيٽ اجلاس ۾ سراج الحق چيو آهي ته لڳي ٿو شبلي فراز کي پشاور ڌماڪي کان وڌيڪ گجرانوالا جلسي جي تڪليف آهي، پشاور ڌماڪي کان 3 ڏينهن پهرين ڳجهن ادارن آگاهه ڪري ڇڏيو هو، اُن باوجود حڪومت مدرسي کي سيڪيورٽي مهيا نه ڪئي، حڪومت اپوزيشن بدران دهشتگردن سان ويڙهه ڪري، حڪومت ٻڌائي ته پشاور ڌماڪي ۾ ڪير ملوث آهي، سراج الحق طرفان 2 ڏينهن کانپوءِ پشاور ڌماڪي تي بحث جي اجازت ملڻ خلاف به احتجاج ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.