منهڙو (ن پ ا) منهڙو ڀرسان ڳوٺ محمد ايوب ڪيريو تعلقہ مورو ضلعو نوشهروفيروز جو رھواسي پورھيت محمد عمر بوزدار منهڙو پريس ڪلب پهتو ھن صحافين کي روئيندي ٻڌايو تہ سندس نوجوان پٽ پنجويھه ساله محمد شريف ولد محمد عمر بوزدار ناراض ٿي گهران نڪري ويو آھي جنهن کي چار ڏينهن گذري چڪا آھن اسان سندس ڏاڍي ڳولا ڪئي آھي پر ھن جو ڪوبہ ڏس پتو نہ ملي سگهيو آھي جنهن ڪري سندس گھر جا سمورا ڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن ھن ضلعي نوشهروفيروز جي انتظاميا کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آھي ته اسان بيوس ۽ بي پهچ غريب مسڪينن جي ضلعي انتظاميہ مدد ڪري ۽ نوجوان محمد شريف بوزدار جيڪو چئن ڏينهن کان لاپتہ آھي ان کي ھٿ ڪرڻ لاء سهڪار ڪيو وڃي.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…