
ٺاروشاھه (ن پ ا) ٺاروشاهه ۾ 5 آگسٽ 1921ع ڌاري جنم وٺندڙ گوبند مالهي جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي. هن سئو کان مٿي، ڪهاڻيون، ٻه سئو کان مٿي مضمون، پنجٽيهه ناٽڪ ۽ اٺاويهه ناول لکيا، کيس هند توڙي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکڻ ڪري “ناول سمراٽ” ناول جو شهزادو سڏيو ويو. گوبند مالهيءَ کي ٻارنهن تيرهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جوشوق جاڳيو. اهو زمانو 35-1934ع وارو هو. هن جي شروعاتي لکڻي ناتن ڌرم پرچارڪ ۽ ماهوار سنڌي رسالي ”شڪارپور“ ۾ مشهور جرمن شاعر گوئٽي جي ڪنهن نظم جو ترجمو ڇپيو. مالهي 42-1941ع ۾ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وجهي چڪو هو. سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيائين. هن انهيءَ عرصي ۾ ئي شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، جنهن دوران هن جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان تعلق پيدا ٿيو، جنهن کان هُن مارڪسزم ۽ ڪميونزم جو سائنسي طريقي سان اڀياس سکيو ۽ گڏوگڏ ٻنهي ڄڻن ڪامريڊ محمد امين کوسي سان واسطو وڌايو. دادا گوبند 1942ع ۾ ٽي مهينا جيل ۾ به رهيو، جيل مان نڪرڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو، 1944ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچيءَ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. ساڳي ئي سال هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو، نامياري اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته ” 1942ع جي جنگ آزادي وقت مون ٻن ترقي پسند شخصن جو نالو ٻڌو هو. هڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ٻيو دادا گوبند مالهي. سنڌي سرڪل کان سنڌي ادبي سنگت تائين جو سفر ان دور ۾ ٿيو،گوبند مالهي کي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سڪريٽري هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. گوبند مالهي صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڙي فلم جي هدايت ڪاري ۽ اداڪاري ۾ به حصو ورتو. مالهيءَ جا پنج ناول، پکيئڙا، ولر کان وڇڙي، ڏيهي پرڏيهي، پيار جي شڪست ۽ پيار جي پياس تمام مشهور رهيا آهن. هو1947ع ۾ ٺاروشاهه کان جدا ٿي هندستان ڏانهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن روانو ٿيو. هو جنهن جو ساهه ٺاروشاهه هئي، انهي کان وڇڙڻ وقت هن جي حالت ڪهڙي هوندي سا بيان کان ٻاهر آهي!! ٺاروشاهه واسين کان اهو ڏينهن به نه وسريو هوندو. 30 نومبر 1989ع تي اسان جو داد گوبند مالهي، ٺارو شاهه ۾ آيو هو. ٺاروشاهه جو هي سپوت 10 فيبروري 2001ع ۾ اسان سڀني کان موڪلائي ڪٿي ڏور سنڌ جي آسمان ۾ گم ٿي ويو پر سندس ادبي خدمتون اڄ به زنده آهن.