تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وي سي ۽ ڊائريڪٽر فنانس تي ڪرپشن جا الزام: نيب کان جاچ ڪرائڻ جي سفارش

يونيورسٽي جَي وي سي به برطانيه جا ٽي ڀيرا دورا ڪري سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي: رپورٽ

پٽن، زال ۽ ڌيءُ جي نالي واريون ملڪيتون رپورٽ ۾ ڌار ڌار ظاهر ڪيون ويون آهن: ڊائريڪٽر فنانس

ڄامشورو ( رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جَي وي سي ۽ ڊائريڪٽر فنانس تي ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا آهن. نيب کان جاچ ڪرائڻ جِي سفارش ڪئي وئي. ڊائريڪٽر فنانس منير شيخ جون 32 ملڪيتون هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ حڪومت جَي آڊيٽر جنرل جِي مهراڻ يونيورسٽي جِي 2018 ۽ 2019 دوران ڪيل آڊٽ رپورٽ ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي، آڊٽ رپورٽ موجب ڊائريڪٽر فنانس 3 ڀيرا عمرو ڪيو، ڊين مارڪ جو دورو به ڪيو، يونيورسٽي جَي وي سي به برطانيه جا ٽي ڀيرا دورا ڪري سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي سندس تجربي ۽ تعليم مطابق نه هئا، ڊائريڪٽر فنانس منير شيخ موقف اختيار ڪيو ته جيڪي ملڪيتون پٽن، زال ۽ ڌيءُ جَي نالَي ڪيون، رپورٽ ۾ اُهي ڌار ڌار ظاهر ڪيون ويون آهن، مون ڪا به ملڪيت غيرقانوني طريقي سان ناهي ٺاهي، ٽيڪس ريٽرن جا ثبوت موجود آهن، حج ۽ عمرا به پنهنجَي خرچ تي ڪيا، جنهن جا ثبوت پڻ موجود آهن، آڊٽ رپورٽ ۾ لڳايل الزامن جا ثبوت پيش ڪيا آهن.

Bookmark the permalink.