
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجهو موبائل فون نه وٺي ڏيڻ تان نوجوان جمڙائو واهه ۾ ٽپو آپگهات ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻي ۾ رائس ڪئنال ۾ هڪ نينگر جو لاش هٿ آيو آهي. ميرپورخاص ويجهو نندلال مھراج ڳوٺ جي رھواسي 17 ورھين جي پريتم ڀيل گھروارن پاران موبائيل فون نه وٺي ڏيڻ تان ناراض ٿي جمڙائو واھ ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو. مقامي ٽوٻن ۽ ڳوٺاڻن نوجوان جو لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ڏلاڙڪاني ۾ رائيس ڪئنال ۾ چانڊڪا پل وٽان 9 ورهين جو نينگر جو لاش مليو آهي. هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌي عملي حوالي ڪيو ويو آهي.