تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ميرپور ساڪرو جا هاري ۽ آبادگار سارين جو اگهه گهٽ ملڻ خلاف سراپا احتجاج: ڌرڻو ۽ ٽائرن کي باهيون

ساريون 1200 رُپيا في مڻ تي خريد ڪرڻ زيادتي آهي، ملاز مالڪ ڪٽوبي به ڪن ٿا

آبادگارن جي هڪ هٽي ختم ڪري مالي استحصال روڪيو وڃي: آبادگارن جو مطالبو

ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري ۾ سارين جو اگهه گھٽ ملڻ ۽ ناجائز ڪٽوتي خلاف آبادگارن جو مک نيشنل ھاءِ وي تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو، سوين گاڏيون بيهجي ويون، آبادگارن ڪارو عرف جمال گبول، وڏيري رزاق، عبداالله شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سارين جو اگهه گهٽ ملڻ خلاف احتجاج ڪري مک نيشنل هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ميرپور ساڪري تعلقي ۾ سڀ کان وڏي پئماني تي سارين جو فصل ٿئي ٿو، مل مالڪن ھڪ ٽي قائم ڪري ناجائزي ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، پوري سنڌ ۾ چانورن جو 1400 مڻ وڪامي رھيو آهي پر ميرپور ساڪري تعلقي ۾ 1200 مڻ مقرر ڪري ٻنهي ھٿن سان آبادگارن کي ملز مالڪ ڦري رھيا آهن. برساتن ۾ جتي آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسيو آهي اُتي مل مالڪ رليف ڏيڻ بدران ٻيڻو ڦري رھيا آهن، سارين جي في ايڪڙ تي 60 ھزار روپيا خرچو اچي ٿو مقرر ٿيل ريٽ صحيح نه ملڻ سبب آبادگار طبقو ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهيو آهي، آبادگارن کي مناسب اگهه ڏئي معاشي قتل کان بچايووڃي.

Bookmark the permalink.