تازا ترين
  • *ڪرمپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻي ۾ خان محمد سبزوئي سميت ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن *علي خان جعفري جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا: پوليس*
  • *ڪوئٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٿڌ: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ پارو 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ وڌ کان وڌ پارو 7 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو*

ميهڙ ۾ 3 سال اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڪرمپور واسي استاد جي قتل جو ڪيس عدالتي حڪم تي پوليس آفيسرن مٿان داخل

مقتول جو ڪيس ٽن ايس ايڇ اوز، ٻن سي آءِ اي انچارجز ۽ هڪ ڊي ايس پي مٿان داخل

ڪرمپور واسي استاد عبدالفتاح اوڳاهي کي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي ماريو هو

ڪرمپور ( ن پ ا)  ميهڙ پوليس پاران 3 سال اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڪرمپور واسي استاد عبدالفتاح اوڳاهي جي قتل جو ڪيس عدالتي حڪم تي پوليس آفيسرن مٿان داخل ڪيو ويو. ڳوٺ خير محمد نصيراڻي واسي مال جي واپاري استاد عبدالفتاح اوڳاهي ۽ شهزادو ڀيو 3 سال اڳ ميهڙ لڳ مبينا پوليس مقابلي مارجي ويا هئا. عبدالفتاح اوڳاهي جي پٽ سيف الله اوڳاهي پوليس خلاف پٽيشن داخل ڪرائي هئي.  فريادي پاران ڊي ايس پي جاويد اقبال،  سي آءِ انچارج دادو افتخار جمالي، سي آء انچارج ڪي اين شاهه طارق لاکير،  ايس ايڇ او فريد آباد عبدالرحمان ڌاريجو، ايس ايڇ او يونس پنهور ۽ ايس ايڇ او زاهد کوسو کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو هو.  فريادي ڄاڻايو هو ته سندس پيء عبدالفتاح پرائمري استاد هو جيڪو مال جي واپار لاء ڪراچي وڃي رهيو هو ته دادو ۽ ميهڙ پوليس پڪڙي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري هئو.  سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ميهڙ جي عدالت ٻيهر جاچ ڪري مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيندي ڄاڻايل پوليس آفيسرن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Bookmark the permalink.