تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ميهڙ ۾ 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي فريادڻ ام رباب ميهڙ ۾ اعلانيل ڌرڻو ملتوي ڪري ڇڏيو: اڄ ڳڙهي خدا بخش ۾ احتجاج ڪيو ويندو

بلاول ڪٽنب جي قتل جي مذمت نه ڪئي، پ پ قاتلن جي حامي بڻيل آهي:ام رباب

ميهڙ ( رپورٽر) ميهڙ ۾ 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي فريادڻ اُم رباب ميهڙ ۾ اعلانيل ڌرڻو ملتوي ڪندي چيو آهي ته اڄ ڳڙهي خدا بخش ۾ احتجاج ڪيو ويندو، بلاول ڀٽو زرداري منهنجي ڪٽنب جي قتل جي مذمت نه ڪئي پر سندس پارٽي ۽ حڪومت قاتلن جي حامي بڻيل آهي، اڄ 12هين وڳي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري پ پ قيادت خلاف دانهن ڏينديس، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جو چوڻ آهي ته سچوا جو ميهڙ ۾ ڪو به ڌرڻو رٿيل نه هو، ان کان اڳ اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ پوليس سردار چانڊيو جي حامي سهراب چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چانڊيا برادري ۽ سردار چانڊيو جي حامين طرفان پوليس خلاف مظاهرا به ڪيا ويا.

Bookmark the permalink.