تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

مٺي اسپتال جي بجيٽ بند: 6075 ماروئڙا ڪامڻ ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق

ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صحت جي مسئلن جي جائزي لاءِ گڏجاڻي سڏائي

5368اي،271 بي ۽ 439 هيپاٽائٽس سي جا ڪيس سامهون آيا: علاج ڪيو: آگاهي

مٺي(رپورٽ: ممتاز نهڙيو)مٺي اسپتال جي بجيٽ بند هئڻ جو اعتراف، 6075ماروئڙا ڪامڻ ورتل هئڻ جي تصديق، جڏهن ته ٻار فوت ٿيڻ وارو مامرو ايجنڊا مان ئي غائب،چئيرمين هيلٿ ڪميشن ٿرپارڪر ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي سربراهي ۾ دربار هال مٺي ۾ صحت بابت کنيل قدمن جي جائزي لاءِ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ضلعي ڪائونسل جي چئيرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ڊي سي ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم، ڊاڪٽر گل منير وسطڙو، ڊي ايچ او ڊاڪٽر ارشاد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر گورڌن داس، حفاظتي ٽُڪن ۽ پوليو پروگرام جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ڀرت ڪمار ، مليريا پروگرام جي ڊاڪٽر شنڪر لال، هيپاٽائٽس ڪنٽرول پروگرام جي ڊاڪٽر خالد احمد صديقي۽ ٻين شرڪت ڪئي.ڊاڪٽر ڀرت ڪمار ٻڌايو ته ٿرپارڪر ۾ 160 حفاظتي ٽُڪن جا سينٽر آهن، تازو ئي 82 ويڪسينيٽر ڀرتي ڪري مختلف تعلقن جي يونين ڪائونسل ۾ مقرر ڪيا آهن. ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ڏونج ، ڏانو ڌانڌل ، ڪلوئي ۽ کينسر ۾ ٽي بي سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ رپورٽ طلب ڪئي. مليريا ڪنٽرول پروگرام جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شنڪر لال ٻڌايو ته 69 سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، سال 2019 ۾ ڊينگي جا 26 ڪيسز ظاهر ٿيا. ڊاڪٽر خالد احمد صديقي ٻڌايو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ پنجن سالن دوران 10 هزار 767 مريضن کي چڪاسيو ويو، جنهن مان 5 هزار 368 هيپاٽائٽس اي، 271 بي ۽ 439 سي جا ڪيس ظاهر ٿيا.ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ سول اسپتال مٺي ڊاڪٽر گل منير وسطڙو ٻڌايو ته سول اسپتال مٺي جي فنانس کاتي ٽيون ڪوارٽر بجيٽ روڪي آهي جيڪا جاري ڪرائي وڃي ۽ چيو ته سول اسپتال مٺي ۾ دوائن جي ڪا کوٽ نه آهي.هيلٿ ڪميشن چئيرمين ۽ ميمبرن زور ڀريو ته ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ کينسر جي اسپتالن  ۾ به هيپاٽائٽس سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ رپورٽ ڏني وڃي.

Bookmark the permalink.