
مٺي رپورٽر) مٺي ۾ ڊي سي ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ٿي وئي. ڊاڪٽرن ڪمشنر ميرپور خاص جي خاطري بعد او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ۽ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ڊاڪٽر پير منظور جو چوڻ آهي ته ڪمشنر تسليم ڪيو آهي ته ڊي سي ٿر جو ڊاڪٽرياڻين سان رويو اڻوڻندڙ هو، انصاف نه ٿيو ته ٻيهر احتجاج ڪنداسين. ياد رهي ته مٺي سول اسپتال ۾ ويم دوران مبينا ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿيندڙ عورت جي جاچ دوران ڊاڪٽرن ڊي سي مٿان اڻوندڙ رويو جو الزام هڻي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪيو .