
جهڏو/نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) نئون ڪوٽ ڀرسان ٻن ٿاڻن جي پوليس ڌاڙيلن جيان ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چڱي مڙس جي پٽ کي ڏوهاري ڄاڻائي ماري ڇڏيو، مبينا فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سب انسپيڪٽر سميت 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس پاران مقتول جو لاش وارثن حوالي نه ڪرڻ خلاف احتجاج جاري آهي. ڳوٺ ستار چانڊيو تي ملير ڪينٽ ۽ نئون ڪوٽ پوليس چڙهائي ڪري مبينا طور انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ننڊ ستل نصير چانڊيو گولين جو کاڄ بڻجي ويو. پوليس پاران ڌاڙيل جيان ڳوٺ تي حملو ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺاڻا به هٿيار کڻي ٻاهر نڪري آيا ته پوليس ڳوٺاڻن تي به فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ سب انسپيڪٽر سميت 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. مقتول جي وارثن چيو آهي ته پوليس رات جو روزو رکڻ وقت گهر ۾ داخل ٿي ننڊ ستل نصير چانڊيو تي سڌا فائر ڪري کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته نصير چانڊيو جو لاش اسپتال کڻي ويندڙ 5 کان 6 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته نصير خلاف ڪٿي به ڪيس داخل ٿيل نه آهي، نوجوان کي قتل ڪندڙ اهلڪارن خلاف قتل ۽ دهشتگردي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس جي دعويٰ آهي ته مختلف ڪيسز ۾ گهربل نصير چانڊيو جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي ته هٿياربندن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ هو مارجي ويو ۽ نصير چانڊيو خلاف ڪيس به داخل هئا. جڏهن ته مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل اي ايس آءِ حسيب خان ۽ ڪانسٽيبل الهرکيو کي حيدرآباد نيو ويو آهي.