تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

نديم بيگ جي “چڙيلز” تي تنقيد: تشدد ڏيکارڻ غلط قرار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) فلم ساز ۽ هدايتڪار نديم بيگ مبهم انداز ۾ هلندڙ سال آگسٽ ۾ رليز ٿيل پاڪستاني ويب سيريز چڙيلز کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ويب سيريز ۾ تشدد ۽ سفاڪي ڏيکارڻ غير ضروري هو. نجي خابرو ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب نديم بيگ جو چوڻ هو ته جهڙِي ريت ويب سيريز چڙيلز جو ڪلائمڪس ڏيکاريو ويو سندس نظر ۾ اهو درست نه هو. نديم بيگ چڙيلز ۾ تشدد، اڻ وڻندڙ روين، ڪردارن جي سفاڪي، شراب پيئڻ ۽ بولڊ منظر ڏيکارڻ کي غير اهم قرار ڏيندي چيو ته انهن مان ائين محسوس ٿيو ته چڙيلز هڪ ٿرلر ايڪشن فلم آهي. فلم ساز موجب چڙيلز ۾ منشيات جي استعمال، بولڊ منظرن ۽ تشدد کي ڏيکارڻ ائين آهي جيئن ڪنهن به سنجيده فلم ۾ 4 آئٽم گانا شامل ڪيا وڃن. هن واضح ڪيو ته سندس خيال ۾ چڙيلز ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏيکارڻ غير اهم هو، اهڙا منظر ڏيکارڻ سان ويب سيريز پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏي. چڙيلز کي هلندڙ سال 11 آگسٽ تي ڀارتي اسٽريمنگ ويب سائيٽ زي فائيو تي رليز ڪيو ويو هو ۽ هلندڙ مهيني آڪٽوبر جي شروعات ۾ هن کي پاڪستان ۾ بند ڪيو ويو هو جڏهن ته 9 آڪٽوبر تي ٻيهر پاڪستان ۾ رليز ڪيو ويو هو. فلم ساز کان سوال ڪيو ويو ته هو هو همايون سعيد کي هر ڀيري ڇو ڪاسٽ ڪندو آهي جنهن تي هن همايون سعيد کي بهترين اداڪار قرار ڏنو ۽ ٻڌايو ته مهوش حيات به کيس سٺي لڳي ٿي هو سندس ڪم مان متاثر آهي. ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فهد مصطفيٰ سٺو اداڪار آهي. نديم بيگ اهو انڪشآف ڪيو ته هو هڪ نئين فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين ان جي شوٽنگ شروع ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.