نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهروفيروز ڀرسان ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر هٿ، فوڊ کاتي جي عملدارن ۽ واپارين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نورپور گودام جي فوڊ انسپيڪٽر ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جهيڙي واري وڊيو سوشل ميڊيا وائرل ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ڪارروائي ڪندڙ عملدار گدا حسين جو چوڻ آهي ته آئون ڪڻڪ هٿ ڪرڻ واري ٽيم ۾ شامل آهيان، واپارين فوڊ انسپيڪٽر سان گڏجي حملو ڪيو، فوڊ عملدار علي نواز ميمڻ جو چوڻ آهي ته نورپور فوڊ انسپيڪٽر منهنجي حد مان ڪڻڪ پڪڙي آهي، واپس ڪري، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي واپارين ۽ فوڊ کاتي جي عملدارن تي تنقيد ٿي رهي آهي.
- مورو ۾ گٽر اٿلي پيا، شهر ۾ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ، انتظاميا ننڊ ستل
مورو (ن پ ا) مورو ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي لاپرواهي ء مين ڊسپوزل مشينون نه ھلائڻ سبب بخاري محلا، ملاح چوڪ سميت ٻين پاڙن جا گٽر…
- بدين ضلعي ۾40 واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تي قبضا برقرار، پيادل گذرڻ به محال
ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ڪوٽڙي بئراج جي ٻن مک ڪئنالن اڪرم واھ ۽ نيو ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ 40 واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تان ڪورٽ جي حڪم باوجود قبضا…
- موسمي تبديلي سبب سيارو ڊسمبر بدران جنوري ۾ اچي ٿو: آبادگار بورڊ
مٽياري: آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نديم شاهه ٻڌايو ته موسمي تبديلي سبب سياري جي موسم ۾ ڊسمبر بدران جنوري ۽ فيبروي ۾ اچي ٿي، ڪڻڪ جي پچڻ جي…