تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

نيب، سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪرپشن الزامن تي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، روشن ڪناسرو ۽ منظور ڪناسرو کان رڪارڊ طلب

ڪناسرا ڀائرن خلاف جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي: نيب پراسيڪيوٽر

 عدالت نيب کان هيل تائين ٿيل جاچ بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

 

 

 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب، سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪرپشن الزامن تي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، سياحت جي ڊائريڪٽر روشن ڪناسرو ۽ منظور ڪناسرو کان رڪارڊ طلب، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته  ڪناسرا ڀائرن خلاف جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، عدالت نيب کان هيل تائين ٿيل جاچ بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي: سپريم ڪورٽ، ڪرپشن ڪيس ۾ روشن علي ڪناسرو سميت 5 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.