تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

نيب جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سوڌو 67 ڄڻا ڪورونا وگهي فوت: 2458 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي(نمائندن وٽان ) ڪورونا وڌيڪ 67 حياتيون کسي ورتيون، 2458 نوان ڪيس سامهون آيا، 15 جولاءِ  کانپوءِ ساڍا 4 مهينن دوران  وڌ ۾ وڌ 67 فوتگيون ٿيون، ڪالهه ڪورونا وگهي نيب جو اڳوڻو  ڊپٽي چيئرمين  حسن وسيم  افضل فوت ويو، جڏهن ته متحده جو سينيٽر  ميان عتيق  ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو، ميرپور آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي شرح  20،  ڪراچي ۾ 13.6 ۽ حيدرآباد ۾ 24 مان گهٽجي  12سيڪڙو ٿي وئي، هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 27 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته  1292نوان ڪيس سامهون آيا، ان ڏس  ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب گذريل هڪ مهيني دوران سڀ کان وڌيڪ 27 مريض فوت ٿيا، جنهن بعد فوتين جو تعداد 2962  ٿي ويو آهي، هن چيو ته  هن وقت 19038 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 18218 گهرن، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 808 مختلف اسپتالن ۾ آهن، هن وڌيڪ چيو ته 716 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 72 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن  چيو ته ڪراچي ۾ 989، حيدرآباد ۾ 76، ميرپورخاص ۾39،  ڄامشوري ۾ 31، مٽياري ۾ 21، بدين ۾  18، شهيد بينظير آباد ۾ 14، گهوٽڪي ۽ ٺٽي ۾  11-11، سکر ۾ 9، جيڪب آباد ۾ 6، ٽنڊي  الهيار ۾ 5، لاڙڪاڻي ۽ عمرڪوٽ ۾ 3-3، شڪارپور ۾ 2، دادو، خيرپور، سانگهڙ ۽ سجاول ۾ 1-1 ڪيس سامهون آيا آهن، حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ داخل  لطيف آباد واسي 75 سالن جو صغير احمد ولد نور خان ۽ دادو سان تعلق رکندڙ 80 سالن جو محمد حسين ولد رسول بخش فوت ٿي ويا هوڏانهن سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ اسپتال جا 4 سينيئر ڊاڪٽر احمد مجتبي، ڊاڪٽر شفيق کهاوڙ، ڊاڪٽر مقصود صديقي، سرجن نور ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، کين سندن گھرن ۾ ئي قرنطينا ڪيو ويو آهي.

 

Bookmark the permalink.