تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

نيٽ فليڪس جي پاڪستاني ورزن تي پاڪستان جا شوبز ستارا خوش، هاڪاري ردعمل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير فواد چوڌري پاڪستان اسٽريمنگ ويب سائيٽ نيٽ فليڪس جو پاڪستاني ورزن لانچ ڪرڻ لاءِ تيار آهي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ اسان پاڪستان جي پهرين ۽ ٽي ٽي ٽيلي ويزن لانچ ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون هن چيو ته اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هن کي لانچ ڪنداسين وفاقي وزير فواد چوڌري جي ڄاڻايل اعلان تي سوشل ميڊيا صارفين طرفان خوشي جو اظهار ڪيو ويو ۽ شوبز سان واڳيل شخصيتن اهڙي قدم جي ساراهه ڪئي آهي اداڪار همايون سعيد چيو ته هڪ زبردست خبر آهي هن فواد چوڌري ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا ٿورا مڃيا اداڪارا حريم فاروق به فواد چوڌري جي قدم جي ساراهه ڪئي ڳائڻي احمد جهانزيب چيو ته هي اسان جي انٽرٽينمينٽ انڊسٽري لاءِ وڏو قدم ٿي سگهي ٿو اداڪار شان شاهد چيو ته هي فواد چوڌري طرفان بهترين ڪوشش آهي اهو ئي وقت آهي جڏهن اسان دنيا جي انٽرٽينمينٽ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيون ڳائڻي علي ظفر به وفاقي وزير جي اعلان ي بهترين قرار ڏنو اداڪار عثمان خالد بٽ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي سوال اٿاريو ته ڇا ڪو ٻيو مواد بابت هدايتون تيار ڪري سگهي ٿو؟ اهو نه وساريو ته پيمرا اڊاري ڊرامي ۾ غير اخلاقي مواد ڏيکارڻ تي شو ڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو ڇو ته اهو ڊرامو ٻارن سان بدسلوڪي کي اجاڳر ڪري رهيو هو

Bookmark the permalink.