تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

همايون شريف ڀرسان ڌرين ۾ جهيڙو، عورت سميت 4ڄڻا زخمي

همايون شريف ( ن پ ا ) جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب مسمات شبيران زال زبير کوسو، داد محمد پٽ جان محمد، طارق علي پٽ داد محمد ۽ ثناءَ الله پٽ تاج محمد کوسو سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي جهان واهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻي سلطان ڪوٽ اسپتال پهچايو .

Bookmark the permalink.