
اسلام آباد ( رپورٽر) وزيراعظم عمران خان سان ترڪي جَي مشهور ڊرامَي ارتغرل جِي باني ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ترڪي ۽ پاڪستان جَي سهڪار سان “خلافت وارِي تحريڪ” جَي مشهور ڪردار ترڪ لالا بابت ٽي وي سيريز تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ڊراما 80 جَي ڏهاڪَي تائين پوري دنيا ۾ مشهور هئا. پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري کي مقامي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جِي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ معياري ۽ مقامي مواد نشر ٿئي ته نوجوان نسل کي گليمرائيزڊ مواد جو متبادل ملي ويندو، جيئن ارتغرل ڊرامي ۾ ڏسڻ ۾ آيو.