تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

وزيرن کي مهانگائي جي خاتمي کي پنهنجو مشن بڻائڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي عارضي مئنجمينٽ ڪميٽي جي منظوري ڏني وئي، سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪميٽي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جي مقرري جي منظوري، اجلاس ۾ مهانگائي جي خاتمي جي حوالي سان حڪومتي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ وزيراعظم وفاقي وزيرن کي هدايت ڪندي چيو ته وزير مهانگائي جي خاتمي کي پنهنجو مشن بڻائين، ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته سياسي عورتن جي حوالي سان به محتاط انداز اختيار ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.