ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي دوران دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهيدن، زخمين ۽ بهادري جو مقابلو ڪندڙ اهلڪار توڙي سيڪيورٽي گارڊز ۾ سندون ورهايون. وڏي وزير حملي ۾ شهيد ٿيل سب انسپيڪٽر جَي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ هڪ نوڪري، شهيد سيڪيورٽي گارڊز جَي وارثن لاءِ 50-50 لک رپيا ۽ هڪ هڪ نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حملي دوران ٽن زخمي اهلڪارن لاءِ 10-10 لک ۽ بهادري سان ويڙهه ڪندڙ اهلڪارن کي 5-5 لک رپيا امداد ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو. تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن دهشتگرد اسٽاڪ ايڪسچينج اندر پهچي وڃن ها ته ورلڊ ٽريڊ سينٽر کان به وڏو نقصان ٿئي ها. مراد علي شاهه چيو ته جوانن دهشتگردن جو انت آڻي حملو ناڪام بڻايو. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر تقريب دوران شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس جَي جوانن ۾ تعريفي سَندون ورهايون.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…