تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

وڏي وزير طرفان جهاز حادثي ۾ زخمي ٿي ويل بينڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود جي عيادت

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جهاز حادثي ۾ زخمي ٿي ويل بينڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود جي عيادت ڪئي.ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو پي آءَ اي جو جهاز ڪري تباهه ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ بينڪ آف پنجاب جو صدر ظفر مسعود به زخمي ٿي پيو.حادثي بعد بينڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود کي کي دار الصحت اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس عيادت ڪئي.ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ظفر مسعود جي جسم تي سڙڻ جو ڪو نشان نه آهي، رڳو رهڙا آيل آهن، سندس ڪلهي ۽ ڪالر جي هڏي ۾ فريڪچر آيل آهي.وڏي وزير، ظفر مسعود کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو مراد علي شاهه آهي، جنهن تي بينڪ آف پنجاب جي صدر جواب ڏنو ته توهان جي وڏي مهرباني، الله رحم ڪيو آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ظفر مسعود کي آرام جو مشورو ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، هو ٻيهر سندس عيادت لاءِ ايندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ظفر مسعود جي حالت بهتر آهي، سمورن زخمين کي بهتر طبي هولتون ڏنيون وينديون

Bookmark the permalink.