تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ٺل ويجهو مقتول احمد نوناري جي قتل خلاف هنيل ڌرڻي دوران مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون، 3 اهلڪار زخمي

پوليس طرفان احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي ڪيس ۾ گهربل2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ گُهڃا ۽ نوناري برادري جي ٻن ڌُرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل عطائي ڊاڪٽر احمد نوناري فوت، جهيڙي ۾ نينگر سوڌو قتل ٿيلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو، مقتول عطائي ڊاڪٽر احمد نوناري جي وارثن طرفان زيرو پوائنٽ تي لاش رکي ڌرڻو، مڇريل ماڻهن طرفان طرفان ٽائرن کي باهيون ڏئي پوليس خلاف نعريبازي، مقتولن جي وارثن طرفان جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڌُر جي گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه، پوليس اهلڪارن ۽ مڇريل ماڻهن ۾ منهن ماري، مقتول ڊاڪٽر جي وارثن چيو آهي ته پوليس جي نااهلي سبب عطائي ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ واٽهڙو نينگر سعيد ڀٽي قتل ٿيا، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، مظاهرين طرفان جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو.

Bookmark the permalink.