تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

ٺل ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ عورت سروٽا هڻڻ بعد گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل

ڳوٺ خميسو نندواڻي ۾ جوابدار نور محمد لوڊري پنهنجي زال صغران کي بيدردي سان قتل ڪيو

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، نياڻي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي:وارث

ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ عورت بيدردي سان قتل، ڳوٺ خميسو نندواڻي ۾ جوابدار نور محمد لوڊري پنهنجي زال صغران کي سروٽا هڻڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقتولا جي مائٽن جو چوڻ هو ته بيگناهه نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪيون پيا، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيوويندو.

Bookmark the permalink.