تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

ٺٽي ۾ 20 کان مٿي ڪريڪس تي بااثرن جا قبضا، مهاڻن کان مبينا ڀتو ۽ زوري سستي مڇي وٺڻ جو انڪشاف

جنگيسر تڙ، ٻاٻيو، ڦاٽ، سڄڻ واري، کاروڇاڻ، جوهو، ڪيٽي بندر، پارڙو ۽ ٻين تڙن تي مڇي جي نيلاميوارين مڏين تان مهاڻن جي مالڪي ختم

ڀتو وٺندڙن کي مبينا طور سياسي پٺڀرائي حاصل هجڻ ڪري هتان جي پوليس پڻ انهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ کان بيوس بڻيل

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي جي جنگيسر کان ڀنڀور تائين 20 کان مٿي سامونڊي تڙن ( ڪريڪس ) تي بااثر ڌرين غير قانوني طور تي پنهنجي مالڪي ڄاڻائي هزارين مهاڻن کان روانو جي بنياد تي لکين رپيا ڀتي جي اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مهاڻن کان زوري سستي اگھه تي مڇي خريد ڪري مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪئي وڃي ٿي. ان ڏس ۾ ان ڏس ۾ هٿ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي سامونڊي تڙن جنگيسر، ٻاٻيو، ڦاٽ، سڄڻ واري، کاروڇاڻ، جوهو، ڪيٽي بندر، پارڙو سميت 20 کان مٿي سامونڊي ڪريڪس توڙي مختلف تڙن تي بااثرن جا قبضا آهن. معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي سامونڊي تڙن توڙي ڪريڪسن مختلف مڇين جي نيلامي وارين مڏين تي غير قانوني طور مالڪي ڏيکاري وڃي ٿي ۽ قبضي گير مڇي ماري ايندڙ مهاڻن کان سستي اگھ تي مڇي وٺي ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي واپارين کي ڳري اگھن ۾ مچي وڪرو ڪري هڪ پاسي لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن، ان کان سواءِ مڇي ماريندڙ مهاڻن کان ڀتي جي اڳاڙي شروع ڇڏي آهي، ڀتو نه ڏيڻ تي مڇي ماريندڙ مهاڻن کي مارڻ سميت طرحين جون اذّيتون ڏئي سخت تشدد ذريعي انساني تذليل جو نشانو بڻايو ويندو آهي. ڀتي جي وصولي ڪندڙن کي سياسي پٺڀرائي حاصل هجڻ ڪري هتان جي پوليس پڻ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ قاصر آهي. اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته سامونڊي تڙن جي غير قانوني مالڪن ۽ مڇي مافيائن مڇي جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ ڪيترن مڇي ماريندڙن کي 10 کان 15 هزار رپين عيوض پابندي مڙهيل بولي رڇ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان مڇيءَ جي نسل ڪشي ٿي رهيو آهي ۽ روزانو سوين ٽن ننڍي مچي مارائي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.