
ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي ڪراچي سنڌ آهي جي سري هيٺ ايڪتا جي جشن ۾ باقي هڪ ڏينهن، سڀاڻي 6 ڊسمبر تي قومي ڪاڄ ملهائڻ لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، ايڪتا ڏهاڙي جي تيارين دوران سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ثقافتي رنگ جرڪي پيا، جاڳرتا تقريبن، مچ ڪچهرين ۽ ريليز دوران ثقافتي لباس پهريل سنڌين طرفان قومي گيتن تي رقص، سنڌ امڙ سان عشق ۽ ايڪتا جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ واري عزم جو اظهار ڪيو پيو وڃي.