ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٽرانسپورٽرن جي نامناسب رويي سبب ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪالهه جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان دوران ٽرانسپورٽرن جي وڏي انگ عدالتي ڪمري ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي، عدالتي ڪمري جي دوزاري جو شيشو ٽٽي پيو، جنهن تي جسٽس عمر سيال ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايس ايس پي سيڪيورٽي ۽ رينجرز کي گهرائي ورتو، پوليس هڪ ٽرانسپورٽر کي حراست ۾ وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جنهن بعد جسٽس عمر سيال ٻڌڻي کان انڪار ڪندي ڪورٽ روم مان اٿي چيمبر ۾ هليو ويو.
- سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم
مٺي (ن پ ا) سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي…
- لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نينگري آزاد
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي پوليس چوري جَي الزام ۾ گرفتاري بعد گم ڄاڻايل نينگري عطيه کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز نينگري عطيه جو معاملو اٿاريو، جنهن بعد ايس ايس پي…
- آرمي چيف سان اسلام آباد ڪلب ۾ انتهائي خوشگوار ملاقات ٿي: ن ليگ اڳواڻ محمد زبير جو انڪشاف
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾…