تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

ٽنڊوآدم ۾ احساس ڪفالت جا پئسا وٺڻ آيل پورهيت تي پوليس جو تشدد

ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ ڳوٺاڻي تي پوليس اهلڪارن جو تشدد، زخمي ماڻهن وچ ۾ اچي ڇڏائي ورتو. احتجاج. ٽنڊوآدم ۾ احساس ڪفالت سينٽر سرسيد هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي زال ماجو ڀيل سان گڏ پئسا وٺڻ لاءِ آيل ڳوٺ مٺو کوسو جو رهواسي هاري 55 سالن جي پيرسن جمع ڀيل تي ڊيوٽيءَ تي موجود اهلڪارن پنهنجي زال سان ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ سخت تشدد ڪيو، جنهن سبب سندس جسم تي زخمن جا نشان پئجي ويا. اتي موجود عورتن ۽ مردن هاريءَ کي اهلڪارن کان ڇڏرايو، جيڪو زال سميت پريس ڪلب پهچي پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته آئون سينٽر کان ٻاهر بيٺل هئس، پنهنجي زال سان ڀت تان جهاتي پائي ڳالهايم ته اهلڪارن بي گناهه ڪمرو بند ڪري تشدد ڪيو، مون کي گهليو ويو. هن چيو ته منهنجي تذليل ڪئي وئي آهي انصاف ڪيو وڃي.

 

 

 

Bookmark the permalink.