
ٽنڊوالهيار ( ن پ ا) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد امان الله شاھ ڪالوني جي رهواسڻ 28 ورهين جي شرمتي وجني زال پون ميگھواڻ گهر اندر ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب ناري گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو.