
ٽنڊومحمد خان (ن پ ا) ٽنڊومحمدخان جي ڪاسائي پاڙي ۾ وڌيڪ 5 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي جو چوڻ آهي ته نون ڪيسن ۾ هڪ ئيگهر جون 3 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن، ٽنڊومحمدخان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 43 ٿي ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ گهرجي، صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.