ٽنڊومحمدخان ( ن پ ا)ٽنڊومحمدخان شهر جي پير پاڙي جي رهواسي عورتن پاران نجي بئنڪ جي مئنيجر ۽ عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهيان موقعي تي پير پاڙي جي رهواسي عورتن چيو ته ٽنڊومحمدخان جي نجي بئنڪ جو مئنيجر ۽ ٻيو عملو کين بئنڪ مان قرض جي قسط جمع ڪرائڻ لاء زبردستي تنگ ڪري رهيو آهي قرض واري قسط نه ڏيڻ جي صورت ۾ گهرن تي اچي ڪاهه ڪري گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهيهنن چيو ته لاڪ ڊائون سبب حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي هدايتون ڏنيون هئيون ته ٽن مهينن تائين قرضن جي وصولي معطل ڪئي وڃي پر بئنڪ جو مئنيجر هنن کي 12000 وظيفي مان قسط جمع ڪرائڻ تي زور ڀري رهيو آهي هنن چيو ته هو غريب مسڪين آهن قرض جي قسط جمع نٿا ڪري سگهن مظاهرين اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نجي بئنڪ جي مئنيجر ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪري هنن کي رليف ڏنو وڃي
- اسان جي نرم لهجي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي:مولانا فضل الرحمان
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسان جي نرم لهجي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، حڪومت جي طاقت جو انداز اڳ ئي لڳائي چڪا آهيون، حڪومت ڀلي ڪيترا به هربا استعمال ڪري…
- عمر ڪوٽ جَي عوام ڪٺ پتلي کي ڀڄائي عوام ۽ جمهوريت دشمن قوتن کي جواب ڏنو، ڪرپشن جو راڳ الاپيندڙ عمران خان پاڻ ڪرپٽ نڪتو: بلاول
عمرڪوٽ (ن پ ا) عمر ڪوٽ جَي عوام ڪٺ پتلي کي ڀڄائي عوام ۽ جمهوريت دشمن قوتن کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ڪرپشن جو راڳ الاپيندڙ عمران خان پاڻ ڪرپٽ…
- ڀان سيد آباد ۾ شاگردياڻي ثناءَ آرائين کي مبينا زهر ڏئي مارڻ واري ڪيس جي جاچ جاري
ڀان سيد آباد (ن پ ا) ڀان سيد آباد ۾ ميڊيڪل جِي شاگردياڻي ثناءَ آرائين کي مبينا زهر ڏئي مارڻ واري ڪيس جي جاچ جاري، پوليس مک جوابدارن صدام ميمڻ…