
ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان پلاٽ جي معاملي تان قتل ڪيل پيرسن عورت جي قبر ڪُشائي ڪئي وئي، ڏندو ٿاڻي جي حد ۾ 25 ڏينهن اڳ جوابدار گلزار پٽ جمعو ڪهيري پنهنجي 60 ورهين جي ماسي مسمات مٺان ڪهيري کي پلاٽ جي لالچ ۾ اچي قتل ڪيو هو، اڄ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽنڊو محمد خان، ميڊيڪل بورڊ حيدرآباد جي نگراني ۾ قبرستان آجات فقير ۾ قبر ڪشائي ڪئي وئي، واقعي کانپوءِ گرفتاري بعد جوابدار اعتراف ڪيو هو ته هُن پنهنجي ماسي کي پلاٽ جي معامري تان قتل ڪيو آهي.