
ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ويجهو خوفناڪ حادثي ۾ تعليم کاتي جو ٽي او گهرواري سوڌو فوت، سندس امڙ سميت 4 ڄڻا زخمي. ملاڪاتيار روڊ تي ڳوٺ گولو جسڪاڻي ڀرسان ٽرڪ ۽ ڪار ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، روڊ جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار تعليم کاتي ٽنڊو غلام حيدر جو ٽي او فقير محمد ڪنڀار ۽ سندس زال مسمات صفيه ڪنڀار ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتي فقير محمد ڪنڀار جي پيرسن ماءُ مسمات ناني، سندس ڌيءُ 19 سالن جي ماروي، 5 ورهين جي نينگري شهزادي ۽ 55 سالن جو تعليم کاتي جو اڳوڻو سپروائيزر محمد رمضان ڀٽي زخمي ٿي پيا، جن مان رمضان ڀٽي کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، خوفناڪ حادثي ڪار جو اڳيون حصو مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو، فوتين جا لاش سندن گهر ٽالپر ڪالوني پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته گهر اندر 3 ڏينهن کانپوءِ ٽي او فقير محمد ڪنڀار جي نياڻي جي شادي جي رٿيل هئي، شادي جي اها خوشي ماتم ۾ تبديل ٿي وئي.